تهران -12 جولاءِ (اي ??ي پي) ايران جو صدر ??براهيم رئيسي اڄ (اربع) تي آفر??قي ملڪن ڪينيا، يوگينڊا ۽ زمبابوي جي 3 ڏينهن واري دوري جي شروعات ڪندي ڪينيا روانو ٿيندو. پرڏيهي سڌ سماءَ وارن ذريعن مطابق ايراني صدر ??ان گڏ وفد ۾ پرڏيهي وزير کان علاووه ملڪ جون اهم ڪاروباري شخصيتون پڻ شامل آهن. دوري دوران ابراهيم رئيسي ٽنهي ملڪن جي صدرن سان ملاقات ڪندو. ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ان دوري کي هڪ نئون موڙ قرار ڏنو جيڪو آفر??قي ملڪن سان اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي هٿي ڏئي سگهي ٿو. هن چيو ته ايران ۽ 3 آفر??قي ملڪن وچ ۾ لاڳاپا گڏيل سياسي نظرين تي ٻڌل آهن. ياد ??هي ته گذريل 11 سالن ۾ ڪنهن به ايراني صدر پاران آفريقا جي ڪنهن به ملڪ جو اهو پهريون دورو هوندو.
مضمون کا ماخذ : اسرار ریلز