ڪويت سٽي-07 آگسٽ (اي پي پي) ڪويت جي واپ??ر واري وزارت نئون قانون جاري ڪيو آهي جنهن جي تحت خانگي شعبي ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن تي ڪاروبار ڪرڻ يا ڪنهن به ڪاروبار ۾ ڀائيوار ٿيڻ تي پابندي هوندي. هڪ خا??رُ?? اداري موجب واپ??ر واري وزارت گذريل ڏينهن چيو آهي ته نئين قانون مطابق رڳو اهي پرڏيهي ڪويت ۾ ڪاروبار ڪري سگه?? ٿا يا ڪنهن ڪاروبار ۾ ڀائيوار ٿي سگه?? ٿا، جن وٽ سيڙپ وارو اقامو هوندو. وزارت ليبر قانون تحت شق 19هين ۾ به ترميم ڪئي آهي، جنهن جو تعلق پرڏيهي سيڙپڪارن سان آهي. ڪويت جي واپ??ر واري وزارت چيو آهي ته انگن اکرن مان معلوم ٿئي ٿو ته ڪويت ۾ ترسيل 10 هزار پرڏيهي جيڪي خانگي شعبي سان واڳيل آهن اهي 45 هز??ر واپاري لائسنس جا مالڪ آهن يا ڪنهن نه ڪنهن حد تائين واپار ۾ ڀائيوار آهن. وزارت چيو ته نئون قانون منظور ٿيڻ بعد اهي سمورا واپاري لائسنس رد ڪيا ويندا. جن ۾ شق 19 جي زمري ۾ نه ايندڙ پرڏيهي يا ڪاروبار ۾ ڀائيوار مالڪ هوندا. وزارت ڪاروبار ڪندڙن ۽ شق 19 جي زمري ۾ نه ايندڙ پرڏيهين کي هدايت ڪئي آهي، ته جيڪڏهن اهي ڪاروبار جاري رکڻ چاهي?? ٿا ته اهي پنهنجي قانوني حيثيت درست ڪن يا ڪاروبار ختم ڪن.
ڪويت ۾ خانگي ملازمن جي ڪاروبار ڪرڻ تي پابندي لاڳو، نئون قانون جاري
مضمون کا ماخذ : Loteria Instantânea