اسلام آباد – 18 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف دهشتگردي جي متاثرين جي لاءِ ٺ??س پاليسي جوڙڻ جي هدايت ڪئي آهي جيڪا مارجي ويندڙن جي خاندانن جي لاءِ آمدني، تعليم ۽ روزگار جو پئڪيج رکندڙ هجڻ گهرجي. هن اها هدايت و??اقي ڪابينا جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڏني. قرآن پاڪ جي تلاوت کانپوءِ وفاقي ڪابينا ڪو??يٽا ۾ دهشتگردي جي تازي واقعي ۾ مارجي ويلن جي لاءِ فاتحه خواني ڪئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته سڄي ملڪ ۾ دهشتگردي جي متاثرين جي لاءِ ٺ??س پاليسي جوڙي وڃي، اها پاليسي مارجي ويلن جي خاندانن لاءِ ٺ??س آمدني، تعليم ۽ روزگار جو پئڪيج رکندڙ هجڻ گهرجي، اها پاليسي غور جي لاءِ ايندڙ ڪابينا جي اجلاس ۾ پيش ڪئي ويندي. پاڪ چين اقتصادي لنگهه بابت تفصيلي بريفنگ دوران وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پروگرام ۾ شامل ??نصوبا حڪومت جي اولين ترجيح آهن تنهن ڪري وقت سر اڳڀرائي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڀرپور ڪو??شون ڪيون وڃن.
وزيراعظم پاران دهشتگردي جي متاثرين لاءِ ٺوس پاليسي جوڙڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی لاٹری کی تاریخ