اسلام آباد – 30 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته حڪومت ۽ پاڪ فوج جي خواهش آهي ته ڀارت سان 70 سالن کان هلندڙ بيانو تبديل ٿئي، بهتر لاڳاپا ٻنهي ملڪن جي مفادن ۾ آهن، ڀارتي قيادت ۽ دانشور جيترو جلدي سمجهي وٺن ته ڪشمير تي حقيقت پسنداڻي رويو اختيار ڪرڻو آهي ايترو جلد هي مسئلو حل ٿي سگهي ٿو. هو آل پا??ٽيز ??ان??رنس آزاد ڄمون ۽ ڪشمير پاڪستان چپٽر جي اهتمام هيٺ ”آل پا??ٽيز ڪشمير پا??ليامينٽري گروپ جي ڪشمير بابت رپورٽ“ جي عنوان سان سيمينار کي خطاب ڪري رهيو هو.
مضمون کا ماخذ : منی ٹرین 2