لاهور – 15 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ??يو آهي ته ملڪ کي ايشين ٽائيگر بڻائڻ جو نه پر ملڪ کي مديني جي رياست بڻائڻ جي اصولن تي هلائڻ جو واعدو ڪيو هو ?? اهو واعدو پورو ڪري ڏيکاريندس، مديني جي رياست جو پهريون اصول انسانيت جي ڀلائي آهي ۽ معاشري جي سڀ کان ??مزور طبقي جي ذميداري رياست جي ??وندي آهي، غريب ماڻهو جي ??شڪلاتن کي ڏسي شوڪت خانم بڻائڻ جو فيصلو ڪيو، هيلٿ انشورنس ڪارڊ جي ڪري خيبرپختونخوا ۾ عوام ٻيو ڀيرو اقتدار ڏنو ۽ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت ڏني، پنجاب ۾ 50 لک خاندانن کي صحت انشورنس ڪارڊ جاري ڪرڻ تي ڊاڪٽر ياسمين راشد کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن لاهور ۾ انصاف صحت سهولت ڪارڊ ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ پاکستان