اسلام آباد – 13 اپريل (اي پي پي) ڪورونا وائرس جي صورتحال تي ق??ئم ڪيل خصوصي پارلياماني ڪميٽي پرڏيهي ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي چيو آهي ته هو سگهه، حوصلي ۽ صبر کان ڪم وٺن، حڪومت کين واپس وطن آڻڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي، ڪورونا جي وبا الله جي طرفان امتحان آهي اهو حڪومت سان تعاون ڪن، جڏهن ته قومي اس??مب??ي جي اسپيڪر اسد قيصر جو چوڻ هو ته ڪورونا وائرس جي صورتحال ۾ عالمي سطح تي ٺاهيل ايس او پيز کي ن??ر ۾ رکندي پارليامنيٽ ڀرپور ۽ موثر ا??دا?? ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، مذهبي معاملن واري وفاقي وزير نور الحق قادري جو چوڻ هو ته چئني صوبن گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جي عالم سڳورن سان ضلعي سطح تي مشاورت سان رمضان المبارڪ ۽ مسجدن جي حوالي سان جيڪا به پاليسي ٺهندي اها پوري ملڪ لاءِ هوندي، مولانا فضل الرحمان، سراج الحق، ساجد نقوي سميت ٻي?? مسلڪن جا عالم سڳورا ۽ قيادت سان گڏجي پاليسي کي حتمي شڪل ڏيندا.
ڪورونا بابت قائم پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : کڑک