اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريا?? واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته حديبيه پيپر ملز جو ڪيس نئين سر جاچ جو گهرجائو آهي، جيڪو طريقو حديبيه ۾ پئسا ٻاهر موڪلڻ جي لاءِ استعمال ٿيو انهي کي بعد ۾ هر ڪيس ۾ اختيار ڪيو ويو، ان ڪيس کي انجام تائين پهچائڻ تمام گهڻو لازمي آهي. پنهنجي هڪ ٽوئ??ٽ ۾ اطلاعا?? واري وفاقي وزير ??يو ته اڄ وزيراعظم عمران خان کي قانوني ٽيم شهباز شريف جي ڪيسن جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني آهي. حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته حديبيه پيپر ملز جو ڪيس نئين سر جاچ جو گهرجائو آهي، ان سلسلي ۾ لاڳاپيل ادارن کي جاچ نئين سري سان شروع ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری ٹکٹ