اسلام آباد – 22 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۽ ناروي جي وچ ۾ ??يا??ي، اقتصادي ۽ ٻين گڏيل مفادن جي شعبن ۾ لاڳاپا ??ڌائڻ جا امڪان موجود آهن. وزيراعظم عمران خان سان ناروي جي سفير پرالبرٽ الساس ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ناروي جي وچ ۾ بهترين لاڳاپا آهن، پاڪستاني ڄاوا ناروي جا رهواسي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هڪ مضبوط پل جي ح??يت رکن ٿا. وزيراعظم چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ??يا??ي، اقتصادي ۽ ٻين گڏيل مفادن جي شعبن ۾ لاڳاپا ??ڌائڻ جا امڪان موجود آهن. ناروي جي موبائيل فون ڪمپني ٽيلي نار جو حوالو ڏيندي وزيراعظم چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي لاڳاپا ??ڌي رهيا آهن، ناروي جي سفير وزيراعظم عمران خان کي ناروي جي عوام پاران مبارڪباد پيش ڪئي، هن وزيراعظم کي اسلامي تعاون تنظيم ڪائونسل جي پرڏيهي وزيرن جي غير معمولي اجلاس جي ڪاميابي سان انعقاد تي ته مبارڪباد ڏني، وزيراعظم ناروي جي وزيراعظم کي جلد پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني.
پاڪستان ۽ ناروي جي وچ ۾ سياسي، اقتصادي ۽ ٻين گڏيل مفادن جي شعبن ۾ لاڳاپا وڌائڻ جا امڪان موجود آهن: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : گرم سے زیادہ گرم