اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عمان جي سيڙپڪارن تي زور ڏنو آهي ته عماني واپاري پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪن ۽ پاڪستان جي آزاد ۽ سيڙپڪاري دوست پاليسين مان فائدو وٺن، پاڪستان جي سازگار ڪاروباري پاليسين س??ن غير ملڪي سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ چڱو خاصو اضافو ٿيو، پاڪست??ن غير ملڪي سيڙپڪاري راغب ڪرڻ لاءِ خصوصي اقتصادي ۽ ٽيڪنالاجي زونز قائم ڪيا آهن، اهڙن خيالن جو اظهار هن عمان چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي چيئرمين انجنيئر ريڌا جمعه محمد الصالح جي قيادت ۾ واپاري وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. صدر چيو ته حڪومت عماني واپارين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ ۾ سهولت فراهم ڪندي، واپاري وفد جي دوري سان ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري برادر??ن جي وچ ۾ رابطا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. ملاقات ۾ اقتصادي لاڳاپن جي فروغ لاءِ واپاري ماپو وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو، ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي چيمبر آف ڪامرس جي وچ ۾ رابطا وڌائڻ تي به اتفاق ڪيو ويو?? عماني وفد ??ختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي خوا??ش جو ورجاءُ ڪيو، وفد ??اپار ۽ سياحت جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ڌرين ڀائر ملڪن کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ لاءِ عوامي رابطن کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو.
عماني واپاري پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪن: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا علاقائی