اسلام آباد – 05 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان کي قائداعظم محمد علي جناح ج?? ويزن جي موجب جديد اسلامي فلاحي رياست ٺاهڻ جي لاءِ اجتماعي قومي ڪوششون ڪرڻيون پونديون، تحريڪ پاڪستان جي قائدين جي جدوجهد ۽ قربانين جي باري ۾ آگاهي وڌا??ڻ جي ضرورت آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن نظريه پاڪستان ڪائونسل (ٽرسٽ) جي ايگزيڪيٽو ڪميٽي جي ميمبرن سان ڳالهائيندي ڪيو. جن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نظريه پاڪستان ڪائونسل جي چيئرمين ميا?? محمد جاويد پاران صدر کي ٽرسٽ جي باري ۾ بريفنگ ڏني وئي، بريفنگ ۾ هن ٻڌايو ته ٽرسٽ جو بنيادي مقصد حب الوطني ۽ اسلام جي تعليم کي عام ڪرڻ آهي، ٽرسٽ سڄي ملڪ ۾ پاڪستان کي درپيش مسئلن بابت آگاهي پيدا ڪرڻ لاءِ مبحاثي ۽ سيمينارز جو انعقاد ڪندو آهي، ان موقعي تي صدر چيو ته پاڪستان کي قائداعظم محمد علي جناح ج?? ويزن موجب جديد اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ لاءِ اجتماعي قومي ڪوششون ڪرڻيون پونديون، تحريڪ پاڪستان جي قائدين جي جدوجهد ۽ قربانين جي باري ۾ آگاهي وڌا??ڻ جي ضرورت آهي. نوجوان نسل کي نظريه پاڪستان سان روشناس ڪرا??ڻ جي ضرورت آهي. صدر نظريه پاڪستان اجاگر ڪرڻ، نوجوان نسل ۾ حب الوطني جي جذبي کي هٿي وٺرائڻ ۾ ٽرسٽ جي ڪوششن کي ساراهيو.
تحريڪ پاڪستان جي قائدين جي جدوجهد ۽ قربانين جي باري ۾ آگاهي وڌائڻ جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : خون چوسنے والے II