اسلام آباد – 20 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان پاڪستان ۾ بحر??ن جي سفير محمد ابراهيم محمد ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب بحر??ن جي سفير وزيراعظم شهباز شريف کي بحر??ن جي قيادت پاران وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. بحر??ن جي سفير پاڪستان ۽ بحر??ن جي وچ ۾ پراڻ?? ۽ ??وستاڻن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي چيو ته بحرين پاڪستان سان بطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم شهباز شريف بحر??ن جي قيادت پاران مبارڪباد واري پيغام تي بحر??ن جي سفير جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته پاڪستان بحرين سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون کي فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم واپار، سيڙپڪاري، انفارميشن ٽيڪانلاجي، افرادي قوت ۽ غذائي تحفظ سميت مختلف شعبن ۾ تعاون جي امڪانن ۽ ٻطرفي اقتصادي رابطن کي مستحڪم بڻائڻ جي اهميت کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم بحر??ن جي حڪومت پاران ڪورونا وائرس جي وبا جي مشڪل و??ت ۾ پاڪستاني برادري جي سارسنڀال تي ٿورا مڃيا. هن اسلام آباد ۾ ڪنگ حماد نرسنگ يونيورسٽي اينڊ ايسوسيئيٽيڊ ميڊيڪل سائنسز اسپتال جي منصوبي جي پڻ آجيان ڪئي، جيڪو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستاڻن لاڳاپن جو اظهار آهي. بحرين ۾ تمام وڏي انگ ۾ سمنڊ پار پاڪستاني رهن ٿا ۽ پاڪستان ۽ بحر??ن جي وچ ۾ گڏيل عقيدي ۽ قدرن جي بنياد تي ويجها دوستاڻا لاڳاپا آهن. ٻئي ملڪ هڪ ٻئي سان ويجهي حصيداري ۽ مختلف علائقائ?? ۽ ??المي معاملن تي هڪ جهڙي دلچسپي رکن ٿا. پاڪستان ۽ بحرين گذريل سال پنهنجي سفارتي لاڳاپا قائم ڪرڻ جي 50 هين سالگرهه پڻ ملهائي هئي.
وزيراعظم شهباز شريف سان پاڪستان ۾ بحرين جي سفير محمد ابراهيم محمد جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : como apostar na mega sena