اسلام آباد – 06 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي آهي ته خيبرپختونخواهه حڪومت سان ??ڏجي صوبائي کپت جي نشاندهي ڪرڻ ۽ انهن جي گهربل ڪڻڪ جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ، ڪڻڪ جي اسمگلنگ کي روڪڻ جا قدم کنيا وڃن. شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪ ۾ ڪڻڪ جي پيداوار، موجوده ذخيرن ۽ صوبائي ۽ قومي سطح تي کپت جي ??وا??ي سان اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ملڪ ۾ ڪڻڪ جي هن سال پيداوار جي ??وا??ي سان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هلندڙ سال ڪڻڪ جي مجموعي پيداوار جو هدف 28.89 ملين ميٽرڪ ٽن لڳايو ويو هو جڏهن ته متوقع پيداوار 26.173 ملين ميٽرڪ ٽن رهڻ جي اميد آهي. ڪڻڪ جي ملڪي سطح تي مجموعي کپت جو ڪاٿو 30.79 ملين ميٽرڪ ٽن لڳايو ويو آهي. ڪڻڪ جي پيداوار جي هدف ۽ متوقع پيداوار ۾ فرق جي سببن ۾ ڪڻڪ جي پوکيءَ ۾ گهٽتائي، پاڻي جي کوٽ ۽ گذريل حڪومت جي ڀاڻ جي فراهمي ۾ بدا??تظ??مي جي ڪري ڀاڻ جو بحران آهي. وڌيڪ اهو ته مارچ ۾ ڪڻڪ جي امدادي قيمت جي دير سان اعلان جي ڪري آبادگارن جي ڪڻڪ جي پوکيءَ ۾ 2 سيڪڙو گهٽتائي جو رجحان ??سڻ ۾ آيو. ان ??انسواءِ تيل جي قيمتن ۾ اضافي ۽ موسمياتي تبديلي يعني وقت کان اڳ گرمي جي شدت ۾ اضافو پڻ ڪڻڪ جي طئي ٿيل هدف حاصل ڪرڻ ۾ وڏي رڪاوٽ رهيا. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڪڻڪ جي حڪومتي سطح تي خريداري جي ??وا??ي سان پنجاب 91.66 سيڪڙو، سنڌ 49.68 سيڪڙو، بلوچستان 15.29 سيڪڙو جڏهن ته پاسڪو 100 سيڪڙو هدف حاصل ڪري ورتو آهي. وزيراعظم کي موجوده حڪومت جي عوامي ريليف جي لاءِ کنيل قدمن جي ??وا??ي سان پڻ آگاهه ڪيو ويو، کيس ٻڌايو ويو ته حڪومت جي فلور ملز کي ڪڻڪ جي فراهمي تي سبسڊي، اٽي جي 10 ڪلو ٿيلهي جي 400 رپيا جي قيمت تي فراهمي، بلوچستان ۾ يوٽيلٽي اسٽورز جي ذريعي سستي اٽي جي فراهمي ۽ خيبرپختونخواهه کي 2 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جي فراهمي انهن قدمن ۾ شامل آهي. وزيراعظم عملدارن کي خيبرپختونخواهه حڪومت سان ??ڏجي صوبائي کپت جي نشاندهي ڪرڻ ۽ انهن جي گهربل ڪڻڪ جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم ڪڻڪ جي اسمگلنگ کي روڪڻ جي هدايت پڻ ڪئي. ان ??انسواءِ ملڪ ۾ ڪڻڪ جي چوري ۽ ڪرپشن جي خاتمي لاءِ ٺوس حڪمت عملي جوڙڻ ۽ ڪڻڪ ذخيرو ڪرڻ جي لاءِ سائيلوز جي تعمير جي حڪمت عملي تيار ڪري جلد پيش ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته ڪڻڪ جي پوکيءَ ??ي ڏينهن ۾ ڏوهاري غفلت، بدا??تظ??مي ۽ لاپرواهي جي ڪري ڀاڻ جو بحران پيدا ڪيو ويو جنهن جي ڪري آبادگارن ۽ ملڪ کي نقصان پهتو، سائيلوز جي تعمير سان ??وري ۽ ڪرپشن جو خاتمو ٿيندو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان هڪ زرعي ملڪ آهي، غلط فيصلن ۽ وقت سر حڪمت عملي نه هجڻ جي ڪري اسان ??ڻڪ جي ملڪي ضرورتن کي پورو ڪرڻ بدران ??ڻڪ جي درآمد ڪندڙ ملڪ بڻائي ڇڏيو، ڪڻڪ جي سپورٽ پرائيس جي دير سان اعلان سان نه رڳو آبادگارن جي پوکيءَ ۾ گهٽتائي پيدا ٿي پر ان جو فائدو سڌوسنئون ذخيره اندوزن کي پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. وزيراعظم پنجاب حڪومت کي پنهنجو خريداري جو هدف وڌائڻ جي هدايت ڪئي ۽ فوڊ سيڪيورٽي ڊويزن کي شارٽ فال کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ضرورت پوڻ تي وقت سر ڪڻڪ درآمد ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. هن چيو ته پاڪستان ??ي بهتر حڪمت عملي سان ??ڻڪ جي پيداوار ۾ پاڻڀرو ملڪ بڻائينداسين. اجلاس ۾ غذائي تحفظ واري وفاقي وزير طارق بشير چيما، فوڊ سيڪيورٽي، پاسڪو ۽ لاڳاپيل کاتن جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. چيف سيڪريٽري پنجاب ۽ صوبائي عهديدارن وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي.
خيبرپختونخواهه حڪومت سان گڏجي صوبائي کپت جي نشاندهي ڪرڻ ۽ انهن جي گهربل ڪڻڪ جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ، ڪڻڪ جي اسمگلنگ کي روڪڻ جا قدم کنيا وڃن: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری آن لائن