اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف صوبن پاران ڪڻڪ جي خريداري جا هدف پورا نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ص??با پهرين جون ت??ئين ڪڻڪ جي خريداري جا هدف حاصل ڪن، ٻاهران درآمد ٿيندڙ ڪڻڪ جي صوبن ۾ شف??ف ورڇ لاءِ فوري ڪميٽي قائم ڪئي وڃي، سياست کان مٿانهون ٿي ڪري وفاقي حڪ??مت خيبرپختونخوا حڪ??مت ??ي به هر ممڪن مدد ڪندي، اجلاس ۾ وفاقي وزير طارق بشير چيمه، مريم اورنگزيب، لاڳاپيل ڊويزن ۽ کاتن جا آفيسر شريڪ ٿيا، جڏهن ته صوبائي چيف سيڪريٽرين وڊيو لنڪ جي ذريعي شرڪت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته قوم جو هڪ پئسو بچائڻ حڪ??مت جو فرض آهي، ملڪ ۾ وڏي مقدار ۾ ڪڻڪ موجود آهي، جيتوڻيڪ ص??با ذخيره اندوزي جي خلاف قدم کڻن، عوام کي ڪنهن به صورت ۾ مشڪل ۾ نٿو وجهي سگهجي، وفاقي حڪ??مت هر صورت ۾ گهٽ قيمت ۾ اٽو فراهم ڪندي، وفاقي حڪ??مت هر ممڪن مدد فراهم ڪري رهي آهي. هن چيو ته ص??با پهرين جون ت??ئين ڪڻڪ خريد ڪرڻ جا هدف پورا ڪري، سياست کان مٿانهون ٿي ڪري وفاقي حڪ??مت خيبرپختونخوا حڪ??مت ??ي به هر ممڪن مدد ڪندي. غريب عوام جي خدمت اولين فرض آهي. وزيراعظم نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري وفاقي وزير کي هدايت ڪئي ته ٻاهران درآمد ٿيندڙ ڪڻڪ جي صوبن ۾ شف??ف ورڇ لاءِ فوري ڪميٽي قائم ڪئي وڃي، وزيراعظم چيو ته سستي ۽ بهترين معيار جي ڪڻڪ درآمد کي يقيني بڻايو وڃي. سڀني يوٽيلٽي اسٽورز تي اٽي جي 10 ڪلو جي قيمت 490 روپيا برقرار رکي وڃي، اوپن مارڪيٽ ۾ به باقي ص??با انهي قيمت کي يقيني بڻائڻ لاءِ قدم کڻن.
وزيراعظم پاران صوبن پاران ڪڻڪ جي خريداري جا هدف پورا نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار
مضمون کا ماخذ : como jogar dupla sena