اسلام آباد – 19 – مئي (اي پي پي) وزي??اع??م شهباز شريف سان وڪيل اڳواڻن جي وفد اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، قانون وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، اٽارني جنرل اشتر اوصاف پڻ موجود هئا ??ڏه?? ته وڪيل اڳواڻن جي وفد ۾ سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جو صدر احسن ڀون، پاڪستان بار ڪا??ون??ل جو سربراهه حفيظ الرحمان، لاهور هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جو صدر اڪبر ڊوگر، پنجاب بار ڪا??ون??ل جو سربراهه جعفر طيار، اسلام آباد بار ڪا??ون??ل جو سربراهه قمر سبزواري، سيد قلب حسن، امجد شاهه، مسعود چشتي، عابد ساقي ۽ ٻيا شامل هئا. وزي??اع??م وڪيل برادري جي سينيئر چونڊيل اڳواڻن جي حڪومت تي اعتماد جا ٿورا مڃيندي چيو ته وڪيل ملڪ جو عظيم اثاثو آهن. حڪومت وڪيلن جي پيشيواراڻي معاملن کي سرانجام ڏيڻ ۾ هر ممڪن تعاون ڪندي. وزي??اع??م قانون واري وفاقي وزير کي هدايت ڪئي ته وڪيل پروٽيڪشن ايڪٽ ۽ بار ڪا??ون??ل ايڪٽ ۾ ترميمن تي فوري ڪم شروع ڪيو وڃي. وڪيل اڳواڻن وزي??اع??م شهباز شريف کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته وڪيل برادري جمهوري ادارن جي مضبوطي جي لاءِ ڪردار ادا ڪندي آئي آهي ۽ اڳتي به ڪندي. وڪيل اڳواڻن آئيني بحران جي حل ۾ عدليه جي ڪردار کي ساراهيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته حڪومت عوام جي اميدن موجب معيشت کي سنڀالي وٺندي.
وزيراعظم شهباز شريف سان وڪيل اڳواڻن جي وفد جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا وفاقی