گوادر – 03 – جون (اي پي پي) وزراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته مُهاڻن جي ترقي اسان جي اولين ترجيح آهي، گوادر جي شهرين کي آسان شرطن تي سو??ر پينل فراهم ڪن??اسين، بئنڪن کان قرض حاصل ڪرڻ ۾ به آساني پيدا ڪئي ويندي، غيرقانوني ٽرالنگ جي خلاف سخت ايڪشن کڻنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن مُهاڻن کي خطاب ڪن??ي ڪيو. هن چيو ته مُهاڻن جي ترقي اولين ترجيح آهي، مُهاڻن جي خوشحالي جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻنداسين. هن چيو ته هر گهر ۾ بجلي جي فراهمي ضروري آهي، گوادر ۾ مُهاڻن جي لاءِ چين 3200 سو??ر پينل فراهم ڪن??و. وزيراعظم چيو ته سو??ر پينل بئنڪن ذريعي آسان شرطن تي مُهاڻن کي فراهم ڪيا ويندا، مُهاڻن جيترو بجلي جو بل ادا ڪري ٿو ان کان گهٽ سو??ر پينل جي قسط ادا ڪري بجلي جي سهولت مان فا??دو کڻندو، جڏهن سو??ر پينل جي قيمت مڪمل ادا ٿي ويندي ته مُهاڻن کي مفت بجلي ملندي. هن چيو ته مختلف جاين تي سو??ر پارڪس قائم ڪيا ويندا جنهن جي ڪري ماهگيرن کي نيشنل گرڊ بدران سڌوسنئون بجلي ملندي. هن چيو ته ماهيگيرن کي مرحليوار ٻيڙين جون انجڻيون فراهم ڪيون وينديون، پهرين مرحلي ۾ 2 هزار ماهيگيرن کي شفاف طريقي سان ڪُڻن ذريعي انجڻيون فراهم ڪيو وينديون، بلوچستان جي وڏي وزير ۽ منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال جي سربراهي ۾ انتظاميا جي تعاون سان اهي انجڻيون جلد فراهم ڪيون وينديون. هن چيو ته غيرقانوني ٽرالنگ روڪڻ جي لاءِ سخت قدم کنيا ويندا. وزيراعظم چيو ته هو جون جي آخر ۾ ٻيهر گوادر جو دورو ڪن??و ۽ ماهيگيرن جا مسئلا انهن جي زباني تفصيل سان ٻڌندو، انهن مسئلن جي حل لاءِ هر ممڪن ڪوشش ۽ قدم کنيا ويندا. ان موقعي تي بلوچستان جو وڏو وزير عبدالقدوس بزنجو ۽ منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير احسن اقبال پڻ موجود هئا.
مُهاڻن جي ترقي اسان جي اولين ترجيح آهي، گوادر جي شهرين کي آسان شرطن تي سولر پينل فراهم ڪنداسين: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : پیش گوئی اور حکمت عملی