اسلام آباد– 25 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف پاڪستان ٽيليويزن ۽ فلم جي ناليواري اداڪار ??سماعيل تارا جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف مرحوم اسماعيل تارا جي گهروارن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪندي مرحوم جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. وزيراعظم چيو ته مرحوم اسماعيل تارا مزاحيه ا??اڪاري ۾ منفرد مقام رکندو هو. هن پاڪستان ۾ مزاح کي آرٽ جي هڪ صنف طور مقبول ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ??دا ڪيو. پاڪستان ٽيليويزن ۽ فلم جي ناظرين جي ذهنن تي هن جي اداڪاري جا اڻمٽ نقش آهن. خاص طور تي پاڪستان ٽيليويزن جي پروگرام ففٽي ففٽي ۾ سندس اداڪاري يادگار ??هندي ۽ سندس خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو.
مضمون کا ماخذ : را کی کتاب