اسلام آباد – 13 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته چار سال پنجاب جا وسيلا ڦريندڙن کان صوبو پاڪ ٿي ويو آهي، الحمدالله! پنجاب جي وسيلن ۽ پنجاب جي عوام جي محنت جي ڪمائي سان هير?? جون منڊيون خريد ڪندڙن کي پنجاب جي عوام سڃاڻي وئي آهي، فارن ايجنٽ جو و??ٽ ۽ اليڪشن جي طاقت سان وفاق وانگر پنجاب ۾ به صفايو ڪنداسين، ووٽ ج?? طاقت سان انهن ڦورن، فارن ايجنٽس ۽ فرنٽ مين?? جو خاتمو ڪيو و??ندو. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته چار سال بشريٰ بي بي، فرح گوگي ۽ فرنٽ مينن جي ذريعي وفاق ۽ پنجاب کي ڦريو و??و، اسان پنجاب ۾ ??يه?? خوشحالي جو دور شروع ڪنداسين، پنجاب جي عوام مفت علاج، تعليم ۽ بهترين رستا ڏينداسين، پنجاب ۾ ترقي جي رڪيل عمل کي ??يه?? شروع ڪنداسين ۽ گذريل چار سالن دوران پنجاب جي عوام سان ٿيندڙ زيادتي?? جو ازالو ڪنداسين. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ملڪ کي ڊيفالٽ ج?? ڪناري تي ڌڪيندڙن کي عوام ووٽ نه ڏيندي، پنجاب جي باشعور عوام پنهنجي ترقي کي ووٽ ڏيندي، اها ٻهروپين، فارن ايجنٽس، چورن، پنجاب کي ڦرڻ، ??جاڙڻ ۽ ويران ڪندڙن کي ووٽ نه ڏيندي.
چار سال پنجاب جا وسيلا ڦريندڙن کان صوبو پاڪ ٿي ويو آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : loteria estadual