اسلام آباد – 13 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اسلام?? ترقياتي بئنڪ پاڪستان جي اهم حصيدار آهي جنهن پاڪستان جي هر مشڪل وقت ۾ مدد ڪئي آهي، آءِ ايم ايف سان اسٽينڊ با??ي معاهدي کي حتمي شڪل ڏيڻ جي لاءِ اسلام?? ترقياتي بئنڪ پاران ملندڙ هڪ ارب ڊالر اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، ان مدد ??ان??واءِ پاڪستان جو آءِ ايم ايف سان معاهدو مشڪل هو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام?? ترقياتي بئنڪ جي صدر ڊ??ڪٽ?? محمد سلمان الجاسر سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. وزيراعظم ڊ??ڪٽ?? محمد سلمان الجاسر ۽ اسلام?? ترقياتي بئنڪ جا پاڪستان کي هڪ ارب ڊالر ڏيڻ تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان عالمي مالياتي اداري سان اسٽينڊ با??ي معاهدي کي حتمي شڪل ڏيڻ جي لاءِ اسلام?? ترقياتي بئنڪ پاران ملندڙ هڪ ارب ڊالر به اهم ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته ان مدد ??ان??واءِ پاڪستان جو آءِ ايم ايف سان معاهدو مشڪل هو. هن چيو ته اسلام?? ترقياتي بئنڪ پاڪستان جي هڪ اهم حصيدار آهي جنهن پاڪستان جي هر مشڪل وقت ۾ مدد ڪئي. وزيراعظم فرانس ۾ پنهنجي ۽ اسلام?? ترقياتي بئنڪ جي صدر جي خوشگوار ملاقات جو ذڪر ڪندي چيو ته پاڪستان اسلام?? ترقياتي بئنڪ سان پنهنجي حصيداري کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم صدر ڊ??ڪٽ?? محمد سلمان الجاسر کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي فروغ لاءِ تازو ئي قائم ڪيل اسپيشل انويسٽمينٽ فيسيلي ٽيشن ڪائونسل قائم ڪرڻ بابت آگاهه ڪيو جيڪا خصوصي طور تي ملڪ جي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ۾ اضافي جي لاءِ قائم ڪئي وئي آهي. صدر اسلام?? ترقياتي بئنڪ ڊ??ڪٽ?? محمد سلمان الجاسر چيو ته پاڪستان اسان جو ڀائر ملڪ آهي جنهن سان تعاون جاري رکنداسين. وزيراعظم ڊ??ڪٽ?? محمد سلمان الجاسر کي پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني.
اسلامي ترقياتي بئنڪ پاڪستان جي اهم حصيدار آهي جنهن پاڪستان جي هر مشڪل وقت ۾ مدد ڪئي آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز کی جیت