اسلام آباد – 31 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ميڊيا جي ڪجهه حصن ۽ ڊان اخبار ۾ شايع ٿيندڙ رپورٽس ۽ قياس آرائين جي ابتڙ وزيراعظم محمد شهباز شريف اڃان تائين نگران وزيراعظم جي لاءِ ڪنهن اميدوار کي چونڊيو يا رد ناهي ڪيو، نگران وزيراعظم جي مقرري آئين ۾ طئي ??يل طريقيڪار موجب ڪئي ??يندي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف مو??ون ترين اميدوار جي لاءِ حڪومت ۾ شامل سمورين اتحادي پارٽين سان مشاورت ۽ مسلم ليگ (ن) جي قائد محمد نواز شريف کان رهنمائي ??ٺندو. هن چيو ته اتحادين سان مشاو??ت کانپوءِ وزيراعظم ان معاملي تي آئين موجب فيصلي جي لاءِ مخالف ڌر اڳواڻ سان مشاورت ڪندو.
مضمون کا ماخذ : سمندری ڈاکو گولڈ