اسلام آباد – 15 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ آءِ ايم ايف سان متفقه سڌاراجاتي ڪوششن جي لاءِ حڪومت جي مستقل عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي جنهن جو مقصد ڊگھي مدي ۾ ??اڪ????ان جي معيشت کي مستحڪم ڪرڻ آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان آءِ ايم ايف جي م??ن چيف ناٿن پورٽر ۽ ??اڪ????ان جي لاءِ آءِ ايم ايف جي ريزيڊنٽ نمائندي ايسٿر پيريز ملاقات ڪئي ۽ کيس اسٽينڊ بائي معاهدي (ايس بي اي) جي پهرين جائزي تحت حڪومتي ٽيم سان فني سطح تي ٿيندڙ ڳالهه ٻوله?? جي صورتحال کا?? آگاهه ڪيو. ناٿن پورٽر پروگرام جي ٽه ماهي هدفن کي پورو ڪرڻ ۾ ??اڪ????ان حڪومت جي ڪوششن جو اعتراف ڪيو. هن چيو ته سندس ڪوششن جي نتيجي ۾ فني سطح تي ڳالهه ٻولهه جو مثبت نتيجو نڪتو آهي. هن چيو ته ٻنهي ٽيمن ايس بي اي جي مختلف رخن تي وسيع ڏس ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. هنن فني سطح تي ڳالهه ٻولهه ۾ ناڻي واري وزير ۽ سندس ٽيم ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر سان گڏ سندس ٽيم جي ڪردار کي ساراهيو. نگران وزيراعظم ??اڪ????ان سان جاري ڪم تي آءِ ايم ايف جي ٽيم جا ٿورا مڃيا ۽ ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وزير جي قيادت ۽ پروگرام کي اڳتي وڌائڻ ۾ سندس ٽيم جي تعاون کي ساراهيو. هن اسٽيٽ بئنڪ آف ??اڪ????ان جي گورنر جي ڪردار کي پڻ ساراهيو. نگران وزيراعظم آءِ ايم ايف سان متفقه سڌاراجاتي ڪوششن جي لاءِ حڪومت جي مستقل عزم جو ورجاءُ ڪيو جنهن جو مقصد ڊگهي مدي ۾ ??اڪ????ان جي معيشت کي مستحڪم ڪرڻ آهي. ملاقات ۾ ناڻي ۽ اوڳاڙين واري نگران وفاقي وزير شمشاد اختر، اسٽيٽ بئنڪ آف ??اڪ????ان جو گورنر، چيئرمين فيڊرل بورڊ آف روينيو ۽ اعليٰ سرڪاري عملدار موجود هئا.
نگران وزيراعظم پاران آءِ ايم ايف سان متفقه سڌاراجاتي ڪوششن جي لاءِ حڪومت جي مستقل عزم جو ورجاءُ
مضمون کا ماخذ : apostas dupla sena