اسلام آباد – 01 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ نئين سال (2024ع) جي موقع?? تي قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته الله تعاليٰ کان دعا ڪريان ٿو ته سال 2024ع اسان جي ملڪ پاڪستان جي لاءِ ترقي ۽ خوشحالي جي نويد کڻي اچي، پنه??جي فلسطيني ڀينرن ڀائرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي اسان نئين سال کي انتهائي سادگي سان ملهائي رهيا آهيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پيغام ۾ نگران وزيراعظم چيو ته نئين سال جي شروع ٿيڻ تي آئون پوري قوم کي مبارڪباد ڏيان ٿو، اسان پنه??جي فلسطيني ڀائرن ڀينرن سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ نئين سال کي انتهائي سادگي سان ملهائي رهيا آهيون ۽ پاڪستان حڪومت پاران نئين سال جي هر قسم جي تقريب تي پابندي آهي. هن چيو ته نئون سال شروع ٿيڻ تي الله تعاليٰ کان اها دعا ڪريان ٿو ته سال 2024ع اسان جي ملڪ پاڪستان جي لاءِ ترقي ۽ خوشحالي جي نويد کڻي اچي. آئون اميد ڪريان ٿو ته نئين سال ۾ اسان پنه??جي انفرادي ۽ اجتماعي زندگين جي بهتري جي لاءِ ڪوششون ڪنداسين ۽ هڪ روشن مستقبل طرف قدم وڌائينداسين. نگران وزيراعظم چيو ته نئين سال جي شروعات پاڪستان ۽ پوري قوم جي لاءِ انتهائي اهم آهي ڇو ته ملڪ ۾ ??من ۽ خوشحالي جو سفر تيزي سان پنه??جي منزل طرف جاري آهي. مون کي يقين آهي ته پاڪستان اڳ کان وڌيڪ پر??من ۽ مضبوط معاشي ملڪ بڻجي سامهون ايندو. نگران وزيراعظم چيو ته منه??جي دعا آهي ته 2023ع ۾ دنيا کي ??من امان ۽ قدرتي آفتن جا جيڪي بحران درپيش رهيا، نئين سال ۾ انهن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ مثبت اڳڀرائي ٿئي. فلسطين جي مظلوم عوام تي اسرائيلي ??اڍ سال 2023ع جو سڀ کان وڌيڪ ڏکوئيندڙ حصو هو. غزه ۽ اولهندي ڪناري ۾ مظلوم فلسطينين خاص طور تي معصوم ٻارن جي قتل عام ۽ معصوم فلسطينين جي نسل ڪش?? تي پوري پاڪستاني قوم ۽ مسلمان امت شديد ڏک ۾ ورتل آ??ي. ??ميد ڪريان ٿو ته عالمي دنيا 2024ع ۾ فلسطين ۾ ??من قائم ڪرڻ، اسرائيلي رتوڇاڻ روڪڻ ۽ ان جي مسئلي جي منصفاڻي حل ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندي. منه??جي اها خواهش ۽ اميد آهي ته سال 2024ع ۾ مظلوم ڪشميري عوام پنه??جي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي حوالي سان نئين ڪاميابين طرف وڌي. هن چيو ته نئين سال جي موقع?? تي وطن جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا، انهن جي گهرڀاتين سان همدرديءَ جو اظهار ڪريون ٿا، الله تعاليٰ شهيدن جا درجا بلند فرمائي. نگران وزيراعظم چيو ته نئين سال جي شروعات تي آئون معاشي صورتحال جي وڌيڪ بهتري، دهشتگردي جي خاتمي ۽ عوام جي تڪليفن ۾ گهٽتائي جي لاءِ پنه??جي حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪريان ٿو. 2024ع ۾ اسان سڀني کي گڏجي پاڪستان کي ترقي، خوشحالي ۽ ??من جو گهوارو بڻائڻو آ??ي. ??چو نئون سال شروع ٿيڻ تي اسان اهو واعدو ڪريون ته هن ملڪ کي قائداعظم جو پاڪستان بڻائڻ جي لاءِ پنهنجو پنهنجو ڪردار سچي نيت سان ادا ڪندا رهنداسين.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پاران نئين سال (2024ع) جي موقعي تي قوم کي مبارڪون
مضمون کا ماخذ : raspadinha acumulada