اسلام آباد – 04 – مارچ (اي پي پي) تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان نئين چونڊيل وزيراعظم محمد شهباز شريف کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏيندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته گڏيل ڪوششن جي ذريعي ٻئي ملڪ ڊگهي مدي واري ٻطرفي حصيداري کي فروغ ۽ سگهه ڏيندا. تاجڪ صدر وزيراعظم کي مبارڪباد واري پيغام ۾ چيو ته هو سندس سٺي ??حت ۽ پاڪستان جي پائيدار سماجي ۽ معاشي ترقي جي منصوبن ??ي عملدرآمد ۾ وڌيڪ ڪاميابين جو خواه??من?? آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته دوست ملڪ پاڪستان جي عوام جي ڀلائي سان گڏوگڏ عالمي سطح تي پاڪستان جي ساک کي مستحڪم بڻائيندا. هن چيو ته تاجڪستان ۽ پاڪستان دوستي، ??ڏيل افهام تفهيم، احترام ۽ اعتماد جي ڊگهي روايتن ۾ ڳنڍيل آهن. هن چيو ته انهن سٺڱي روايتن جي بنياد تي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهڻ رخو تعاون مسلسل وڌي رهيو آهي. تاجڪ صدر وزيراعظم کي تاجڪستان جي دوري جي دعوت ڏيندي ٻطرفن لاڳاپن جي موثر فروغ ۾ پاڪستان سان بين الرياستي ڳالهيون ۽ تعاون جاري رکڻ ۾ مستقل دلچسپي تي زور ڏنو.
تاجڪستان جي صدر پاران نئين چونڊيل وزيراعظم محمد شهباز شريف کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪُون
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نتائج