اسلام ??باد – 23 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٽيڪس ڪيسز ۾ ڄاڻي واڻي التوا جو نوٽيس وٺندي چيف ڪمشنر ان لينڊ ريونيو اسلام ??باد ۽ ان سان لاڳاپيل سمورا آفيسر معطل ڪرڻ ۽ انڪوائري جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيف ڪمشنر ان لينڊ روينيو اسلام ??باد ۽ ان سان لاڳاپيل سمورن آفيسرن کي معطل ڪري فوري انڪوائري جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. وزيراعظم حڪومت سنڀاليندي ئي ايف بي آر سڌارن جي جلد ۽ فوري لاڳو ڪرڻ جي هدايت ڪندي ذاتي طور تي ان عمل جي نگراني جو فيصلو ڪيو هو. بيان موجب ٽيڪس ٽربيونلز ۾ اهن وقت حڪومت جي سوين ارب رپين جا ڪيسز ٻڌڻي هيٺ آهن، وزيراعظم چيف جسٽس آف پاڪستان کان انهن ڪيسز کي جلد اڪلائڻ جي درخواست ڪ??ي هئي، تازو ئي اسلام ??باد ۾ ايف بي آر جي وڪيل پاران عدالت ۾ اهڙي ئي هڪ ڪيس جي تاريخ ۾ دير جي گذارش تي وزيراعظم نوٽيس ورتو. بيان موجب وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي فوري طور تي واقعي جي انڪوائري جي هدايت پڻ ڪئي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته قومي خزاني جي سوين ارب رپيا قانوين تڪرارن جي ڪري ڦاٿل آهن، ان حوالي سان ڪنهن به قسم جي لاپرو??هي ۽ ڪوت??هي قبول نه ڪندس. پنهنجي عوام ??ان ڪيل وچن تحت ٽيڪس نظام ۾ سڌارن جي پاڻ نگراني ڪري رهيو آهيان. ملڪ ۽ قوم جو هڪ هڪ پئسو بچائڻ ۽ اوڳاڙين ۾ اضافي جي لاءِ ڏينهن رات محنت ڪ??ڻي پوندي.
وزيراعظم ٽيڪس ڪيسز ۾ ڄاڻي واڻي التوا جو نوٽيس ورتو، چيف ڪمشنر ان لينڊ ريونيو اسلام آباد ۽ ان سان لاڳاپيل سمورا آفيسر معطل ڪري انڪوائري جو حڪم
مضمون کا ماخذ : میگا سینا آن لائن