اسلام آباد– 25 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڪوٽ ڊي واغ سان اقتصادي ۽ ثقافتي لاڳاپا وڌائڻ جي ضرورت تي ??ور ڏيندي چيو آهي ته ڪوٽ ڊي واغ کي پاڪستاني چانور، طبي ۽ جراحي اوزارن، دوائن ۽ راندين جي سامان جي برآمدات وڌائڻ جا تمام وڌيڪ امڪان موجود آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ڪوٽ ڊي واغ (آئيوري ڪوسٽ) لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير محمود اختر محمود سان مل??قا?? دوران ڳالهائي رهيو هو. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان جا ڪوٽ ڊي واغ سان خوشگوار لاڳاپا آهن، نامزد سفير آئيوري ڪوسٽ سان واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپا اڳتي وڌائڻ جا موقعا ڳولي. صدر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي مضبوط ??ڻا??ڻ جي لاءِ ثقافتي لاڳاپا وڌائڻ جي ضرورت تي ??ور ڏنو. هن چيو ته نامزد سفير ڪوٽ ڊي واغ سان عوامي رابطن کي فروغ ڏيڻ جا امڪان پڻ ڳولي، هو ڪوٽ ڊي واغ سان ٻطرفو تعاون وڌيڪ بهتر ??ڻا??ڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري. صدر آصف علي زرداري محمود اختر محمود کي ڪوٽ ڊي واغ ۾ بطور پاڪستاني سفير مقرري تي مبارڪباد پڻ ڏني.
صدر آصف علي زرداري سان ڪوٽ ڊي واغ، آئيوري ڪوسٽ لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير محمود اختر محمود جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : ریل رش