اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسمگلنگ جي خاتمي لاءِ ملڪ گير مهم کي تيز ڪرڻ، ملوث نشاندهي ٿيل آفيسرن کي عهدن تان ف??ري طور تي هٽائڻ ۽ محڪماڻي ڪ??رروائي ڪ??ڻ، سمورن لاڳاپيل ادارن کي هڪ ٻئي سان تعاون، اسمگلرن ۽ منشيات جي ڪ??روبار ۾ ملوث ماڻهن کي مثالي سزا ڏيارڻ، ان حوالي سان ضر??ري قانونسازي ۽ کنڊ جي مڪمل طور تي اسمگلنگ روڪڻ جون هدايتون ڪيون آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪ ۾ اسمگلنگ جي روڪٿام جي حوالي سان اعليٰ سطح جو جائزه اجلاس ٿيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف اجلاس ۾ ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان مان اسمگلنگ جي پاڙ کان خاتمي جو پختو عزم رکان ٿو، آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير جي اسمگلنگ ۾ خاتمي جي لاءِ حڪومت سان مڪمل تعاون تي ان کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته اسمگلنگ، ذخيره اندوزن ۽ انهن جي سهولتڪار آفيسرن جي فهرست تيار ڪري قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ صوبن کي فراهم ڪئي وئي آهي. وزيراعظم نشاندهي ٿيل آفيسرن کي عهدي تان ف??ري طور تي هٽائڻ ۽ محڪماڻي ڪ??رروائي، سمورن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ انٽيلي جنس ادارن کي اسمگلنگ جي روڪٿام جي لاءِ هڪ ٻئي سان تعاون، اسمگلرن ۽ منشيات جي ڪ??روبار ۾ ملوث ماڻهن کي قرار واقعي ۽ مثالي سزا ڏيارڻ ۽ قانون ۽ انصاف واري وزارت کي ان حوالي سان ف??ري طور تي ضر??ري قانونسازي جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۽ قوم جو پئسو ڦريندڙن ۽ انهن جي سهولتڪارن کي قطعي طور تي ڪنهن به قسم جي رعايت نه ڏني ويندي، سرحدي علائقن ۾ اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ نوجوانن کي متبادل روزگار جي موقعن ۽ ڪاروبار جي لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪيو وڃي، افغان ٽرانزٽ ٽريڊ جي شين جي پاڪستان ۾ وڪري ۽ اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ ان جي مانيٽرنگ کي تيز ۽ موثر ڪيڳو وڃي. وزيراعظم ڪسٽم عملدارن کي افغان ٽرانزٽ ٽريڊ کي مانيٽر ڪندڙ سسٽم جي ٿرڊ پارٽي آڊٽ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم قومي سطح تي منشيات جي استعمال جي جانچ جي لاءِ سروي جي لاءِ ف??ري طور تي فنڊ جاري ڪ??ڻ ۽ کنڊ جي مڪمل طور تي اسمگلنگ روڪڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي اسمگلنگ، افغان ٽرانزٽ ٽريڊ جي غلط استعمال، منشيات، کاڌي پيتي جي شين بشمول کنڊ، ڪڻڪ، ڀاڻ، پيٽروليم مصنوعات، غيرقانوني هٿيارن جي حوالي سان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي افغان ٽرانزٽ ٽريڊ جي حوالي سان اي ڊي ??وا??ه جي سربراهي ۾ قائم جاچ ڪميٽي جي رپورٽ پڻ پيش ڪئي وئي. اجلاس کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سمورين ڌرين سان مشاورت کانپوءِ قومي اسمگلنگ جي خاتمي بابت اسٽريٽجي حتمي مرحلن ۾ آهي جنهن کي منظ??ري جي لاءِ جلد پيش ڪيو ويندو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ٻه ڏينهن اڳ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽمز جي گڏيل ڪارروائي ۾ مستونگ ۾ اسمگلنگ جي گودام تي ڇاپو هنيو ويو آهي جنهن ۾ ضبط ٿيل اسمگل شين جي ماليت اٽڪل 10 ارب رپين کان وڌيڪ آهي. وزيراعظم افغان ٽرانزٽ ٽريڊ جي ناجائز استعمال ۽ ان جي آڙ ۾ اسمگلنگ ڪندڙ عنصرن ۽ انهن جي سهولتڪار آفيسرن جي نشاندهي تي اي ڊي ??وا??ه جي سربراهي ۾ ڪ??يٽي جي رپورٽ کي ساراهيو ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي اسمگلنگ جي خاتمي جي ڪوششن کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن سيد محسن رضا نقوي، ڄام ڪمال خان، احد خان چيما، راڻا تنوير حسين، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، اعظم نذير تارڙ، ايف بي آر چيئرمين، اٽارني جنرل، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ انٽيلي جنس ايجنسين جي اهلڪارن ۽ لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي.
وزيراعظم محمد پاران اسمگلنگ جي خاتمي لاءِ ملڪ گير مهم کي تيز ڪرڻ ۽ اسمگلنگ ۾ ملوث آفيسرن کي عهدن تان فوري طور تي هٽائڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن