رياض – 29 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پ??ڪس??ان ۽ سعودي عرب جا معاشي لاڳاپا هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي چڪا آهن، ايندڙ ڏينهن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار جو ڪاٿو وڌائڻ جي حوالي سان ڀرپور قدم کنيا ويندا، خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل ٻاهرئين سيڙپڪاري جي فروغ ۽ سيڙپڪارن کي سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ پوري طرح فعال آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار سعودي عرب جي واپ??ر واري وزير ماجد القصبي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن عالمي اقتصادي فورم جي خصوصي اجلاس جي موقعي تي ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ناڻي ۽ اوڳاڙين وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب، واپ??ر وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، پيٽروليم وارو وفاقي وزير مصدق ملڪ ۽ وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي پن موجود هئا. وزيراعظم چيو ته پ??ڪس??ان ۽ سعودي عرب جا معاشي لاڳاپا هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي چڪا آهن، ايندڙ ڏينهن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار جو ڪاٿو وڌائڻ جي حوالي سان ڀرپور قدم کنيا ويندا، پ??ڪس??ان ۾ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل ٻاهرئين سيڙپڪاري جي فروغ ۽ سيڙپڪارن کي سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ پوري طرح فعال آهي. وزيراعظم چيو ته سعودي عرب جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ پ??ڪس??انين جو ڪردار انتهائي اهم رهيو آهي. سعودي واپ??ر واري وزير چيو ته ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان جي واضح هدايتن موجب اس??ن پ??ڪس??ان کي سيڙپڪار?? ۽ ??اپار جي حوالي سان ترجيح ڏئي رهيا آهيون، سعودي ڪاروبار?? ۽ ??اپاري برادري ۽ سيڙپڪارن جو وفد جلد پ??ڪس??ان جو دورو ڪري رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته ايندڙ هڪ کان ڏيڍ سال جي دوران ٻنهي ملڪن جي معاش?? ۽ ??اپاري لاڳاپن کي نئين بلندين تائين وٺي وڃڻ جي لاءِ هدفن جو تعين ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي نوجوانن ۽ نئين نسل ۾ سعودي پ??ڪس??ان دوستي جي حوالي سان جذبا وڌيڪ اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي.
پاڪستان ۽ سعودي عرب جا معاشي لاڳاپا هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي چڪا آهن: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : گنہادورس دا میگا سینا