ڪوئيٽا – 08 – جو??ائ?? (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان جي صوبائي حڪومت تي زور ڏنو آهي ته مشاورت سان مسئلن جي نشاندهي ڪري ۽ انهن جي حل جي لاءِ ٺوس منصوبابندي ڪئي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب گورنر هائوس ڪوئيٽا ۾ مسلم ليگ (ن) جي پارليامينٽ ميمبرن جي وفد سان م??اق??ت دوران ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته بلوچستان مان چونڊيل نمائندا صوبي جي ترقي جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته بلوچستان ۾ صوبائي اتحادي حڪومت مشاورت سان مسئلن جي نشاندهي ڪري ۽ انهن جي حل لاءِ ٺوس منصوبابندي ڪئي وڃي. وزيراعظم چيو ته مسلم ليگ (ن) عوامي خدمت تي يقين رکي ٿي، پارٽي جا چونڊيل نمائندا عوامي ڀ??ائ?? تي ڌيان ڏين ۽ بلوچستان جي گورنر ۽ وڏي وزير سان مشاورت سان تڪن ۾ ترقياتي منصوبن جي تڪميل ۽ درپيش مسئلا حل ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻن. م??اق??ت ۾ بلوچستان سان تعلق رکندڙ مسلم ليگ (ن) جي پارليامينٽ ميمبرن سان گڏوگڏ وفاقي وزير ڄام ڪمال خا??، اعظم نذير تارڙ، بلوچستان جو گورنر جعفر خا?? مندوخيل ۽ پارٽي عهديدار پڻ موجود هئا.
بلوچستان جي صوبائي حڪومت مشاورت سان مسئلن جي نشاندهي ڪري، مسئلن جي حل جي لاءِ ٺوس منصوبابندي ڪئي وڃي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : تھور میگا ویز کی طاقت