اسلام آباد -05 آگسٽ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب ملڪ ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري لاءِ سازگار م??حو?? جي فراهمي ۾ ضابطي وارن سڌارن تي اثرائتي نموني عمل ??رڻ جي ضر??رت تي زور ڀريو آهي. هن اها ڳالهه جيڪب ڪارڊوا اينڊ ايسوسيئيٽس جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر اس??اٽ جيڪب سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي ڪئي. سيڙپڪاري بورڊ جي سيڪريٽري ۽ لاڳاپيل وزارتن، ڊويزنن جا آفيسر به ان موقعي تي موجود هئا. ملاقات ۾ ملڪ ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ مجموعي ضابطا جاتي م??حو?? کي بهتر بڻائڻ جي حوالي سان سڌارن تي ڳالهيون ٿيون. اس??اٽ جيڪب ريگيوليٽري نظام کي مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ لاءِ جامع تجويزون ڏنيون. هن ان حوالي سان بهتر نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ معياري طريقيڪار جي تجويز به ڏني. ناڻي واري وزير سڌارن جي اهميت جي تائيد ڪندي انهن سڌارن تي موثر نموني عمل ??رڻ جي ضر??رت تي زور ڀريو. ڳالهين ۾ انهن شعبن جو به خاص طور تي ذڪر ڪيو ويو جتي ضابطا جاتي فريم ورڪ جي حوالي سان سڌارا ضروري آهن. ڌرين ضابطا جاتي سڌارن لاءِ ڍانچا جاتي طريقيڪار اختيار ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.
ملڪ ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري لاءِ سازگار ماحول جي فراهمي ۾ سڌارن تي اثرائتي نموني عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي: ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : نقدی پھٹنا