اسلام آباد – 09 – آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پيرس اولمپڪس ۾ گولڊ ميڊل کٽڻ تي پا??ستاني ايٿليٽ ارشد نديم کي مب??رڪ??اد ڏيندي چيو آهي ته فائنل ۾ شاندار اولمپڪس رڪارڊ قائم ڪرڻ ۽ ڊگهي ترين فاصلي تي جيولين ٿرو ڪرڻ وڏو ڪارنامو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران ج??ري بيان موجب صدر آصف علي زرداري ارشد نديم کي مب??رڪ??اد جي پيغام ۾ چيو ته توهان پوري قوم جو فخر آهيو، ارشد نديم جي فتح پوري قوم جي فتح آهي. صدر چيو ته پيرس اولمپڪس ۾ پا??ستان جي لاءِ تمغو کٽي توهان اسان جو ڳاٽ فخر سان بلند ڪري ڇڏ??و. صدر آصف علي زرداري چيو ته ارشد نديم اولمپڪس جهڙي وڏي مقابلي ۾ پا??ستان جو نالو روشن ڪيو، هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ ارشد نديم کي مستقبل ۾ وڌيڪ ڪاميابين سان نوازي.
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری انعامات