اسلام آباد-06 سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي چيو آه?? ته دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ عالم سڳورن ۽ ٻين مذهبي اڳ??اڻن سان مشاورت جي شروعات ڪئي وئي آه??، مان ۽ مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سالڪ حسين ان قومي مشن کي اڳ??ان وٺي وينداسين، سڀ کان پهرين اسان سڀ پاڪستاني آه??ون ۽ سڀ کان پهريان پاڪستان آه??، اسان کي جنهن باهه ۾ ڌڪيو پيو وڃي اسان کي ان مان نڪرڻو آه??. عالم سڳورن ۽ ٻين اڳ??اڻن جي مدد سان ئي اسان ان باهه مان نڪري سگهون ٿا. اهڙو اظهار هن چنڊ ڏسڻي ڪميٽيءَ جي چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد جي قيادت هيٺ سمورن مڪتب فڪر جي عالم سڳورن ۽ ٻين مذهبي ڌُرين جي اڳ??اڻن سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين به ان موقعي تي موجود هو. گهرو وزير محسن نقوي چيو ته دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ اسان سڀني کي قوم جي حيثيت سان گڏ ٿيڻو آه??، اسلام ۽ دين کي استعمال ڪري ماڻهن کي ورغلائي دهشتگرديءَ ۾ ملوث عنصرن جو رستو روڪڻو پوندو، رياست خل??ف هٿيار کڻڻ وارو شخص يا تنظيم دهشتگرد آه??، اسان جو دين ۽ آئين به واضح طور تي چوي ٿو ته رياست خل??ف هٿيار کڻڻ وارو دهشتگرد آه??، ڪنهن کي ڪهڙيءَ به طرح قتل ڪرڻ جي اسلام ۽ـ اسان جي ملڪ جي قانون ۾ قطعن اجازت ناهي. هن چيو ته اسان کي ملڪ خاطر دهشتگردي جي لعنت خلاف متحد ٿيڻو آه??. اسان يڪجهتي ۽ اتحاد جو پيغام ڏينداسين ته ان جو اثر تمام گهڻو ٿيندو ۽ مضبوط پيغام ويندو. محسن نقوي چيو ته 6 سيپٽمبر جي حوالي سان اسان اڄ به انهن ماڻهن کي موقعو ڏئي رهيا آه??ون ته هو رياست آڏو هٿيار ڦٽو ڪن، اڄ به چئون ٿا ته رياست کي مڃين، آئين کي مڃين ۽ قانون کي مڃين، اڄ به انهن وٽ موقعو آه??، اسان هر صوبي ۾ وينداسين. وڏن وزيرن ۽ عالمن سان ملنداسين. اهوئي پيغام صوبائي راڄڌاني کان به ڏينداسين، صدر ۽ وزيراعظم سان ملاقاتن ۾ به اهوئي پيغام پهچائينداسين. هن چيو ته صدر ۽ وزيراعظم به ان مقصد لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آه??، اسان کي اسلام جو نالو غلط استعمال ڪرڻ کي روڪڻو آه??، دين جا اصل رهنما عالم سڳورا ۽ مشائخ آه??، اڄ اسان قوم کي اهو پيغام ڏيون ته اسان دهشتگرديءَ خلاف متحد آه??ون. گهرو وزارت ۽ مذهبي معاملن واري وزارت ان سلسلي ۾ هر ممڪن مدد فراهم ڪنديون. دهشتگرديءَ بابت اوهان جي تجويزن تي به عمل ڪيو ويندو. هن چيو ته خاص طور تي مولانا عبدالخبير آزاد جو ٿورائتو آه??ان جنهن اوهان سڀني کي هتي گڏ ڪيو، دهشتگرديءَ خلاف گڏيل پيغام انتهائي ضروري آه??. چوڌري سالڪ حسين چيو ته اسان کي گڏجي نئين نسل کي بارود ۽ باهه جي راند کان بچائڻو آه??. نئين نسل کي محفوظ مستقبل ڏيڻ لاءِ حڪومت، ادارن ۽ عالم سڳورن کي گڏجي ڪم ڪرڻو آه??. پاڪستان لاءِ سڀني کي گڏ ٿيڻ جي ضرورت آه??. هر پاڪستاني جي جان ۽ مال جو تحفظ رياست جي ذميواري آه??. عالم سڳورا ۽ مشائخ ماڻهن جي اصلاح ڪن ۽ رياست خل??ف هٿيار کڻندڙ خلاف آواز بلند ڪن. ان موقعي تي مولانا عبدالخبير آزاد به خطاب ڪيو. ملاقات کان پوءِ گڏيل پڌرائيءَ جي منظوري ڏني وئي. عالم سڳورن ۽ مشائخن ملڪ ۾ انتهاپسندن ۽ـ دهشتگردن جي بيانيي کي هڪدم رد ڪري ڇڏيو. پڌرائيءَ ۾ چيو ويو ته اسلام امن جو دين آه?? جيڪو انسانيت جو احترام ۽ تشدد کان پاڪ معاشري جو درس ڏئي ٿو. موجوده ملڪي حالتن ۾ بين المسالڪ ۽ بين المذاهب هم آه??گي ۽ قومي يڪجهتي وقت جي اهم ضرورت آه??. ڪنهن کي به بي ڏوهي قتل ڪرڻ جي اسلام هرگز اجازت نٿو ڏي. وطن عزيز لاءِ پاڪ فوج جي قربانين کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. پوري قوم پنهنجي بهادر هٿياربند فوج سان گڏ آه??. اسلام اقليتن، عورتن ۽ ٻارن جي حقن جو ضامن آه??. پيغام پاڪستان، پاڪستان جو اهو عظيم بيانيو آه?? جنهن کي ممبر ۽ محراب ذريعي هر گهر جو آواز بڻائي ڇڏينداسين. هي وقت ملڪ ۾ ڏڦيڙ نه پر اتحاد ۽ اتفاق ۽ قوم ۽ اُمت کي جوڙڻ جو آه??. ملاقات ۾ مولانا ضياءُ الرحمان، مولانا محمد طيب قريشي، علامه مختيار احمد نديم، علامه عارف حسين واحدي، مفتي گلزار احمد نعي??ي، مولانا تنوير احمد علوي ۽ ٻيا موجود هئا.
دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ عالمن ۽ مذهبي اڳواڻن سان مشاورت جي شروعات ڪئي آهي: محسن نقوي
مضمون کا ماخذ : شریر چڑیل