اسلام آباد – 04 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، ق??مي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پنجاب اسيمبلي پريس ڪميٽي جي نئين چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته حڪومت ??ظه??ر راءِ جي آزادي تي پڪو يق??ن رکي ٿي، غيرجانبداراڻي صحافت سان ئي معاشرو صحيح رخ وٺي سگهي ٿو. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير خواجه نصير کي بنا مقابلي صدر ۽ عدنان شيخ کي بنا مقابلي سيڪريٽري چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني. وفاقي وزير چيو ته پنجاب اسيمبلي پريس گيلري ڪميٽي جو صحافين سان مضبوط تعلق آهي، اطلاعات واري وزارت جا دروازا سدائين صحافين جي لاءِ کليل آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير ان اميد جو ??ظه??ر ڪيو ته نوان چونڊيل عهديدار پنهنجي ساٿي رپورٽرز جي اميدن تي پورو ??هندا.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے لائیو نتائج