اسلام آباد-25 نومبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پ??رٽيءَ جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري شازيه مري چيو آهي ته صنفي بنيادن تي تشدد سڄي دنيا ۾ عورتن جي سلامتي ۽ وقار لاءِ هڪ وڏو خطرو آهي، پ پ جي حڪومتي دؤر ۾ عورتن تي تشدد ۽ انهن کي هراسان ڪرڻ خلاف قانونسازي ڪئي وئي. ڪالهه عورتن خلاف تشدد جي خ??تمي واري عالمي ??ين??ن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته 25 نومبر سڄي دنيا ۾ عورتن خلاف تشدد جي خ??تمي جو عالمي ??ين??ن آهي. صنفي بنيادن تي تشدد سڄي دنيا ۾ عورتن جي سلامتي ۽ وقار لاءِ هڪ وڏو خطرو آهي. عورت تي تشدد بهادري ناهي پر بزدليءَ جي نشاني آهي. هن چيو ته پ پ عورتن تي هر قسم جي تشدد جي مذمت ڪري ٿي، جنهن معاشري ۾ عورت ڪمزور آهي اهو معاشرو ترقي يافته ناهي هوندو. هن چيو ته قائداعظم محمدعلي جناح فرمايو ته ڪابه قوم ڪڏهن پنهنجي وجود جي لائق نٿي ٿي سگهي جيڪا پنهنجي عورتن کي مردن سان گڏ نه وٺي وڃي سگهي. 1973ع جي آئين موجب زندگيءَ جي هر شعبي ۾ عورتن جي ڀرپور شرڪت کي يقيني بڻائڻ ل??زمي قرار ڏنو ويو آهي.
صنفي بنيادن تي تشدد سڄي دنيا ۾ عورتن جي سلامتي ۽ وقار لاءِ هڪ وڏو خطرو آهي: شازيه مري
مضمون کا ماخذ : loteria آن لائن confiável