اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني قطر سان گڏيل مفاد جي شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپا وڌائڻ جي گنجائش موجود آهي، پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا موقعا موجود آه??، قطري ڪمپنيون پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ سازگار ماحول مان فائدو کڻن. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني قطر جي سفير علي مبارڪ علي عيسيٰ الخاطر سان ڳالهائي رهيو هو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني فيفا ورلڊ ڪپ 2022ع جي ڪامياب انعقاد تي قطر کي س??را??يو. هن ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين جي ميزباني تي قطر حڪومت جا ٿورا پڻ مڃيا. وقتي صدر جو چوڻ هو ته قطر ۾ رهندڙ پاڪستاني ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ثقافتي رابطي کي فروغ ڏيڻ ۾ هڪ مضبوط پل وانگر آ??ن. ??طر جي سفير پاڪستان کي هڪ ڪاروبار دوست ملڪ جي طور تي س??را??يندي چيو ته قطر جو سيڙپاري وارو وزير جلد ئي پنهنجي وفد سان گڏ پاڪستان جو دورو ڪندو، وفد مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي امڪانن جو جائزو وٺندو، اميد آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي تازي قطر جي دوري سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سيڙپڪاري جا لاڳاپا وڌيڪ گهرا ٿيندا.
پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا موقعا موجود آهن، قطري ڪمپنيون سيڙپڪاري جي لاءِ سازگار ماحول مان فائدو کڻن: وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني
مضمون کا ماخذ : números dupla sena