لاهور-29 نومبر (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ڪالهه فلسطيني عوام سان يڪجهتيءَ جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو. ان ڏينهن جي ملهائڻ جو مقصد مظلوم فلسطينين تي اسرائيلي ڏاڍ ۽ ظلم کي دنيا آڏو اجاگر ڪرڻ هو. ان سلسلي ۾ سڄي ملڪ ۾ فلسطينين سان يڪجهتيءَ جي اظهار لاءِ سيمينارز، تقريبون ۽ ريلين جو بندوبست ڪيو ويو. مقررن چيو ته مظلوم فلسطينين تي فسطائي ق??تون جهڙيءَ طرح ظلم ڪري رهيون آهن، پوري پاڪستاني ق??م فلسطين سان يڪجهتيءَ جي اظهار لاءِ انهن سان گڏ آهي. مسلم اُمت کي اسرائيلي ڏاڍ روڪرائڻ لاءِ گڏجڻ جي ضرورت آهي. اسرائيلي دهشتگرديءَ سبب هاڻي تائين 42 هزار ??ان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن، جن ۾ 50 سيڪڙو ??ان وڌيڪ عورتون ۽ ٻار شامل ??هن. اسرائيلي فورسز غزه ۾ هزارين ٽَن ڌماڪيدار مادو استعمال ڪيو جڏهن ته اسرائيلي بمباريءَ سبب هڪ لک 50 هزار گهرن کي نقصان پهتو. مقررن وڌيڪ چيو ته اسرائيلي ڏاڍ سبب غزه جي هٿين خالي عوام کي خوراڪ جي کوٽ کي مُنهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، اسرائيلي دهشتگردي سان سَوين ڊاڪٽر، صحافي ۽ وڪيل به شهيد ٿي چڪا آهن. هنن گڏيل قومن ۽ ٻين امن جي عالمي تنظيمن ??ان مطالبو ڪيو آهي ته فلسطيني عوام تي اسرائيلي ڏاڍ روڪرائڻ لاءِ نتيجو ڏيندڙ ڪارروائي ڪئي وڃي.
پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ فلسطيني عوام سان يڪجهتيءَ جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو
مضمون کا ماخذ : quina prêmio acumulado