اسلام آباد – 10 ڊسمبر(اي پ?? پي) ڪوهيڙي جي شدت ۾ گهٽتائي کانپوءِ موٽروي ايم 2 اسلام آباد کان ڪوٽ مومن تا??ين هر قسم جي ٽريفڪ لاءِ کلي ويو آهي. موٽروي پ??ليس جي ??رج??ان مطابق موٽروي بند ڪرڻ جو مقصد حادثن کان بچڻ ۽ موٽروي استعمال ڪندڙن جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪرڻ آهي. شهرين کي درخواست آهي ته ڪوهيڙي وقت غير ضروري سفر کان پاسو ڪن، پنهنجو سفر ڏينهن جي روشني ۾ مڪمل ڪري ڪوهيڙي جي شروعات کان اڳ پنهنجي منزل تا??ين پهچي وڃن. هن چيو ته گاڏين ۾ فوگ لائيٽس جو استعمال ڪن. تيز رفتاري کان پاسو ڪن ۽ اڳين گاڏي کان مناسب فاصلو معمول کان وڌيڪ رکن. سفر شروع ڪرڻ کان اڳ موٽروي پ??ليس هيلپ لا??ين 130 ۽ نيشنل هاءِ وي اينڊ موٽروي پ??ليس جي آفيشل سوشل ميڊيا اڪائونٽ تان پڻ تازي معلومات حاصل ڪري سگهجي ٿي.
مضمون کا ماخذ : ڈوپلا سینا