اسلام آباد – 16 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته عوام کي صحت، تعليم، روزگار جي موقعن جهڙين بنيادي سهولتن جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. هن اها ڳالهه سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي، گورنمينٽ اسڪولز لوئر ٽوپه، لارنس ڪاليج، سلڪ حطار ۽ اسلام آباد ماڊل اسڪول سان تعلق رکندڙ شاگردن جي ٻن جدا جدا وفدن سان ڳالهائيندي چئي جن وزيراعظم آفيس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم چيو ته تعليم معاشري جي ترقي جي لاءِ اهم هوندي آهي ۽ تعليم ذريعي ئي ن??جوانن کي زندگي جي چئلينجن جو مقابلو ڪرڻ ۽ معاشري جي ترقي جي لاءِ پنهنجي صلاحيتن ??وج?? ڪردار ادا ڪرڻ جي قابل بڻائي سگهجي ٿو. هي ملاقات نوجوانن سان وزيراعظم جي را??طا پروگرام جو حصو آهي جنهن تحت مختلف تعليمي ادارن جي شاگردن کي وزيراعظم آفيس گهرائي ملڪ جي اعليٰ آفيسن جي معاملن بابت آگا??ي ڏني وڃي ٿي.
عوام کي بنيادي سهولتن جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : قسمت کا پہیہ