ابوظهبي_12 جولاءِ(اي پي پي) گڏيل عرب امارتن جي هوائي ڪمپني اميرٽس نار ملڪن لاءِ چارٽرڊ سروس جي شروعات ??ري ڇڏي آهي، ميڊيا رپورٽن موجب ايمرٽس جي ان ??ارٽرڊ سروس سا?? سعودي عرب، بحرين، ڪويت،عمان ۽ گڏيل عرب امارتن جي مختلف شهرن لاءِ سفر ??ري سگهبو. دبئي جي آل مڪتوم انٽرنيشنل ايئر پورٽ تان نار سهڪار ڪونسل جي ميمبر ملڪن جي سفر لاءِ وينم 100 ساخت جا جهاز ڀاڙي تي حاصل ??ري سگهبا. انهن ٻن اانجڻين وارن جديد جهازن جن ۾ چئن مسافرن جي سفر جي گنجائش آهي ۾ مسافرن کي اڏام دوران ??ائڻ پيئڻ جون شيون پڻ ڏنيون وينديون، ان سروس شروع ڪرڻ مقصد اهڙن ماڻهن کي سهولت فراهم ڪرڻ آهي جيڪي وڌيڪ مصروف رهندا آهن ۽ آزاد طريقي سا?? سفر ڪرڻ چاهيندا آهن. ايمرٽس جو چوڻ آهي ته چارٽرڊ سروس ذريعي سفر ڪندڙن کي دبئي ايئر پورٽ اچڻ، ڪسٽم ۽ اميگريشن ۾ وي آءِ پي سهولت فراهم ڪئي ويندي.
گڏيل عرب امارتن جي هوائي ڪمپني ايمرٽس نار ملڪن لاءِ چارٽرڊ سروس جي شروعات ڪري ڇڏي
مضمون کا ماخذ : عظیم البینی