غزه -19 جون (اي پي پي) فلسطين جي صحت واري وزارت چيو آهي، ته غزه ۾ اسرائيلي جارحيت سبب هن وقت تائين 37 هزار 372 فلسطيني شهيد جڏهن ته 85 هزار 452 زخمي ٿي پيا آهن. اردو نيوز موجب ??حت واري وزارت پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ??ه انهن فوتگين ۾ 24 ڪلاڪن ۾ ٿيل 25 فوتگيون به شامل آهن. ٻئي پاسي آمريڪي نمائندي آموس هوچسٽين غزه جنگ شروع ٿيڻ کانپوءِ لبنان جي ح??ب الله ۽ اسرائيلي فوج وچ ۾ جاري سرحد پار فائرنگ جي ڏي وٺ کي فوري طور تي گهٽ ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ه?? لبنان جي دوري دوران چيو ته اسرائيل ۽ ح??ب الله تڪرار ڪا??ي عرصي کان جاري آهي. آمريڪي صدر جوبائيڊن گذريل مهيني جنگ بندي جي تجويز جو هڪ خاڪو پيش ڪيو هو جنهن بابت هوچسٽين چيو ته آخرڪار غزه ۾ تڪرار جو خاتمو ٿي ويندو.
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ آن لائن دستیاب