ابوظهبي- 19 نومبر (اي پي پي) گڏيل عرب امارت ۾ پاڪستان سفارتخاني يو اي اي حڪومت طرفان پاڪستاني شهرين تي ويزا پابنديون لاڳو ڪرڻ جي سببن جو حوالو ڏيندي چيو ته دستاويز شيئر ڪرڻ بابت ميڊيا رپورٽن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. ابوظهبي ۾ پاڪستاني سفارتخاني طرفان ڪالهه جاري بيان موجب ان سل??لي ۾ دعويٰ حقيقتن غلط آهي، يو اي اي جي عملدارن اهڙو ڪو دستاويز شيئر ناه?? ڪيو. پاڪستان جي يو اي اي سان مضبوط ۽ خوشگوار ناتا آهن ۽ ٻئي حڪومتون گڏيل ڳڻتي جي ڪنهن به مسئلي کي باضابطه چينلز ۽ تعميري ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ لاءِ پُ??عزام آهي. بيا?? ۾ ??ڌيڪ چيو ويو آهي ته سفارتخانو يو اي اي ۾ پاڪستاني شهرين جي مفادن جي تحفظ لاءِ پوري طرح پُ??عزم آهي ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ دوستاڻن ناتن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ لاءِ يو اي اي اي جي عملدارن سان گڏجي ڪم ڪندو رهندو.
مضمون کا ماخذ : بولو دا میگا سینا