برسلز -10 سيپٽمبر(اي پي پي) يورپي يونين جي پرڏيهي ۽ سلامتي معاملن جي نمائندي جوزف بوريل چيو آهي ته غزه ۽ مصر وچ ۾ سرحد جو ڪنٽرول ٻيهر وٺڻ تي ڳالهيون جاري آهن. پرڏيهي ميڊيا رپ??رٽ?? موجب هن چي?? ته يونين ان معاملي کي ڏسي رهي آهي ۽ سرحدي نگراني جي مشن کي ٻيهر شروع ڪرڻ تي ڳالهيون جاري آهن. مقصد اسرائيلي جنگي ڪارروائين سبب متاثر غزه جي شهرين کي پٽي مان ٻاهر ڪڍڻ ۽ انهن کي طبي امداد فراهم ڪرڻ آهي. هن وڌيڪ چي?? ته يونين ڳالهيون ڪري رهي آهي ته جيئن ان جي سرحد جو نگراني مشن جيڪو مصر ۽ غزه جي سرحد تي ڪيترن ئي سالن کان مقرر هيو واپس اچي هڪ ڪراسنگ پوائنٽ کولي سگهي ۽ ان ڪراسنگ پوائنٽ ذريعي امداد کان محروم زخمين کي ڪڍي سگهجي. هن غزه ۾ جلد جنگ بندي تائين پهچڻ جي ع??م جو اعلان ڪيو. هن چي?? ته ان مرحلي تي جيڪا اهم آهي ا??ا جنگ بندي آهي. هن جنگ بندي تائين پهچڻ ۾ دير تي افسوس جواظهار ڪندي چي?? ته ٻڌڻ آيو آهي ته جنگ بندي ٿيڻ واري آهي پوءِ ٻئي ڏينهن چيو ويندو آهي ته اها سڀاڻي ٿي ويندي.اي پي پي/ ا – ٻ/ م – ش / ج – پ 10:00
غزه ۽ مصر وچ ۾ سرحد جو ڪنٽرول ٻيهر وٺڻ تي ڳالهه ٻولهه جاري آهي: يورپي يونين
مضمون کا ماخذ : بولو دا میگا سینا