اسلام آباد – 20 نومبر (اي پي پي) صدر ممنون حسين ٻارن جي حقن جي تحفظ جي حوالي سان پنهنجي ??ڪي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته حڪومت ٻارن جي تحفظ، صحت، تعليم ۽ بهتر رهڻي ڪهڻي کي يقيني بڻائڻ جي ??اءِ سمورا امڪاني قدم کنيا آهن. ٻارن جي عالمي ڏهاڙي جي ??وقعي تي هڪ پيغام ۾ صدر چيو آهي ته ٻارن جي حقن بابت گڏيل قومن جي ڪنوينشن (يو اين سي آر سي) جي ??يمبر جي حيثيت سان پاڪستان ٻارن جي حقن جي تحفظ ۽ فروغ جو علمبردار آهي. صدر قوم کي مخاطب ڪندي چيو آهي ته اڄ اسان ان عزم کي ورجايون ته پنهنجي ??ارن کي ملڪ جو فائديمند شهري ۽ گلوبل وليج جو ڪارائتو ميمبر بڻائڻ ۾ مدد جي ??اءِ سازگار ماحول فر??هم ڪنداسين.
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا وفاقی