واشنگٽن-03 جنوري (اي پي پي) آمريڪي حڪومت جا قرض تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 340 کرب ڊالرن کان وڌ?? ويا آهن، جيڪي چين جي ڪل قرض جي ٻيڻ کان وڌيڪ آهن. رشيا ٽوڊي ج?? رپورٽ مطابق قرض آباديءَ تي ورهائڻ جي صورت ۾ هر هڪ آمريڪي شهري هاڻ هڪ لک 2 هز??ر ڊالر يا هر ڪٽنب 2 لک 7 هز??ر ڊالرن جو قرضي آهي. آمريڪي حڪومت جو مجموعي قرض اٽڪل چين، جرمني، جاپان، ڀارت ۽ برطانيه جي گڏيل معيشتن جي ڳاڻيٽي جي برابر آهي. آءِ ايم ايف جي اندازي مطابق چين جي حڪومت جي قرضن جو ڳاڻيٽو گذريل سال جي پڄاڻيءَ تي 140 کرب ڊالر هو، پر آمريڪي حڪومت جو قرض دنيا جي پنجن وڏن ملڪن چين، جاپان، برطانيه، فرانس ۽ اٽلي جي مجموعي قرض جي برابر آهي.
مضمون کا ماخذ : تعداد بہت زیادہ ہے۔