ويلنگٽن-13 جون (اي پ?? پي)چين جو وزيراعظم لي ڪيانگ نيوزيلينڊ جي دوري لاءِ ملڪ جي گادي واري شهر ويلنگٽن پهچي ويو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب چيني وزيراعظم 13 کان 20 جون تا??ين نيوزيلينڊ،آسٽريليا ۽ ملائيشيا جو سرڪاري دورو ڪندو ۽ ان سلسلي ۾ هو ڪالهه خميس تي گادي واري شهر ويلنگٽن اي??ر پورٽ پهتو جتي سندس آجيان ڊرم وڄائي ڳاڙهي ۽ سونهري رنگ جا بينر ڦڙڪائي ڪيو ويو، دوري جو مقصد جغرافيائي سياسي ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ واپار ۾ اضافي جي حوالي سان ڳالهيون ڪرڻ آه??، دوري دوران چين جي وزيراعظم ڪاروباري اڳواڻن سان پڻ ڳالهيون ڪندو ۽ چين جي ٽريڊ مارڪ پانڊا ڊپلوميسي جي شروعات ڪندو.
مضمون کا ماخذ : میگا فارچیون