ف??صل آباد – 03 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف نجي ش??بي ۾ 40 ميگاواٽ جي ڪوئلي سان هلندڙ بجلي جي منصوبي جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي پنجاب جوگورنر محمد رفيق رجوانه، پاڻي ۽ بجلي وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير ا??سن اقبال، واپار وارو وفاقي وزير خرم دستگير خان، پاڻي ۽ بجلي وارو مملڪتي وزير عابد شير علي ۽ ٻيا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. ستاره ڪيميڪل انڊسٽري لميٽيڊ ف??صل آباد ۾ 40 ميگاواٽ جي ڪوئلي سان هلندڙ بجلي گهر جو افتتاح توانائي جي ش??بي ۾ پاڻڀرائپ طرف اڳرائي آهي. ستاره ڪيميڪلز انڊسٽريز جي چيف ايگزيڪيوٽو ميان محمد ادريس ان موقعي تي منصوبي جي نمايان مقصدن تي روشني وڌي. نجي ش??بي پاران اهڙن منصوبن جي شروعات انتهائي حوصلي جوڳي آهي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کھیلنے کا طریقہ