اسلام آباد – 29 جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ت?? وزيراعظم محمد نواز شريف جو ڌيان فلمي صنعت جي بحالي ۽ ترقي ت?? آهي ۽ حڪومت پاڪستان فلم انڊسٽري جي ترقي ۽ استحڪام جي لاءِ ڀارتي فلمن جي نمائش جي اثرن جو جائزو وٺڻ کانپوءِ موجود?? پاليسي جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ت?? پاڪستاني سئنيما انڊسٽري جي بحالي ۽ فروغ جي لاءِ ڪميٽي جي سفارشن جي روشني ۾ پاليسي جوڙي وئي آهي ته ج??ئن فلم انڊسٽري کي فروغ ڏئي قومي ثقافت کي وڌائي سگهجي. پنهنجي بيان ۾ مملڪتي وز??ر چيو ته وزيراعظم پاڪستاني فلم انڊسٽري کي درپيش چئلينجن جي حل لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي جنهن ۾ صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ ناليوارن فنڪارن، پروڊيوسرز ۽ نمائش ڪندڙن سميت سمورين ڌرين شامل آهن.
مضمون کا ماخذ : مصری ڈریمز ڈیلکس