اسلام آباد – 23 مئي (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ??ه ثقافت، قومي ورثي، زبان ۽ ادب کي استعمال ڪري معاشري ۾ عدم برداشت ۽ انتهاپسندي جي خاتمي کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو، پاڪستان جي مثبت تشخص جي بحالي پ??ري قوم جو عزم آهي. هو زيبسٽ يونيورسٽي ۾ ميڊيا سائنسز شعبي پاران منعقد ڪيل ميڊيا فيسٽيول جي افتتاحي تقريب کي خطاب ۽ صحافين سان ڳالهائي رهي ه??ي. مملڪتي وزير مريم اورنگزيب صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته وزيراعظم جي ه??ايت تي پاڪستان ۾ فلمي صنعت کي بحال ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته گذريل 35 سالن کان ملڪ دهشتگردي جو شڪار رهيو آهي ??نهن جي ڪري معاشري ۾ انتهاپسندي ۽ عدم برداش?? ۾ ??ضافو ٿيندو ويو. هن چيو ته ميڊيا بابت پراجيڪٽس ٺاهڻ تي نوجوان شاگرد ۽ شاگردياڻيون مبارڪباد جا مستحق آهن، پ??ري دنيا فلم انڊسٽري کي نوجوان نسل جي آگاهي ??ي لاءِ استعمال ڪري ٿي.
ثقافت، قومي ورثي ۽ ادب ذريعي انتهاپسندي ختم ڪري سگهجي ٿي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک گولڈ