تهران -07 نومبر (اي پي پي) ايران غزه تي ايٽمي بم ڪيرائڻ بابت ??سر??ئيل جي ثقافت واري وزير جي بيانن بعد گڏيل قومن کان فوري طور تي ??سر??ئيل خلاف ڪارروائي ڪرڻ تي زور ڀريو آهي. سعودي خابرو اداري مطابق ايران جي پرڏيهي وزير حسن امير عبداللهيان گذريل ڏينهن هڪ ٽوئيٽ ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۽ عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي کان مطالب?? ڪيو آهي، ته اهي ??سر??ئيل کي ايٽمي هٿيارن کان پاڪ ڪرڻ لاءِ فوري قدم کڻن. هن چيو ت?? سلامتي ڪائونسل ۽ عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي کي ان نسل پرست ۽ وحشي حڪومت کي هٿيارن کان پاڪ ڪرڻ لاءِ فوري ۽ مستقل ڪارروائي ڪرڻ گهرجي. هن آمريڪا کي غزه ۾ نسل ڪشي جو مڪمل ذميوار قرار ڏنو. جيستائين ??سر??ئيل جي وزير جو غزه تي ايٽم بم ڪيرائڻ واري ڌمڪي جو تعلق آهي. هن فلسطيني ڌڙن جي حوالي سان چيو ت?? اهي بيان مزاحمت آڏو سندن حڪومت جي حقيقي شڪست کي ظاهر ڪن ٿا. هوڏانهن ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان عالمي برادري کان مطالب?? ڪيو آهي، ته اها ??سر??ئيل کان خطرناڪ ايٽمي خطري کي نظر ۾ رکن. هن ان خطري جي حوالي سان ايٽمي هٿيارن جي استعمال تي پابندي بابت اولهه جي ملڪن جي خاموشي تي تنقيد ڪندي چيو ت?? اها بدقسمتي جي ڳالهه آهي ته اولهه جا دعويدار سالن کان خيالي ۽ ڪوڙي خطري سان وڙهي رهيا آهن. پر کين اصل خطرو نظر اچي رهيو آهي ۽ هاڻ?? تائين انهن پاران ڪا ڪارروائي ناهي ڪئي وئي.
اسرائيل طرفان ايٽمي حملي جي ڌمڪي، گڏيل قومون ۽ عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي اسرائيل خلاف ڪارروائي ڪن: ايران
مضمون کا ماخذ : sorteos dupla sena