رياض/واشنگٽن-19 ڊسمبر (اي پي پي) آمريڪي ۽ سعودي پرڏيهي وزيرن غزه ۾ خطرن??ڪ انساني بحران کي مُنهن ڏيڻ لاءِ جاري ڪوششن تي ڳالهيون ڪيو??. ا??ڊيپنڊنٽ اردو مطابق آمريڪي پرڏيهي وزير انٽونڪي بلنڪن پنهنجي سعودي هم منصب شهزاده فيصل بن فرحان سان ٽيليفونڪ رابطي ۾ غزه جي صورتحال ۽ اتي خطرن??ڪ انساني بحرانن کي مُڻهن ڏيڻ جي ڪوششن تي ڳالهيون ڪيون. سعودي عرب جي پرڏيهي وزارت طرفان جاري بيان مطابق ٻنهي اڳواڻن جي ڳالهه ٻولهه ۾ غزه ۽ ان جي ڀرپاسي جي صورتحال کان علاوه گڏيل دلچسپي جا معاملا غور هيٺ آيا. هوڏانهن آمريڪي پرڏيهي وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته انٽوني بلنڪن سعودي هم منصب سان ڳالهائيندي غزه ۾ بنيادي انساني ضرورتن جي فراهميءَ کان علاوه ان جنگ کي وڌيڪ پکڙجڻ کان روڪڻ جي اهميت تي زور ڀريو. هن هڪ آزاد فلسطيني رياست قائم ڪرڻ لاءِ آمريڪي عزم جو اظهار، جڏهن ته احمر سمنڊ جي عالمي سامونڊي حدن ۾ واپاري جهازن تي حوثين جي لڳا??ار حملن جي مذمت ۽ـ سمورن شراڪتدارن وچ ۾ سامونڊي سلامتيءَ لاءِ سه??ار تي زور ڀريو. واضح رهي ته سعودي پرڏيهي وزير هلندڙ مهيني جي شر??عات ۾ چيو هو ته غزه ۾ ويڙهه جو فوري خاتمو ٿيڻ گهرجي ۽ اهو ته سڄي دنيا جون حڪومتون غزه ۾ جنگبنديءَ کي ترجيح ناهن ڏئي رهيو??. ا?? کان علاوه گڏيل قومن ۾ غزه ۾ انساني بنيادن تي فوري طور جنگبنديءَ جو مطالبو ڪيو پر آمريڪا ۽ـ اسرائيل طرفان ان جي مخالفت ڪئي وئي.
آمريڪي ۽ سعودي پرڏيهي وزيرن وچ ۾ ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه، غزه ۾ خطرناڪ انساني بحران کي مُنهن ڏيڻ لاءِ ڳالهيون
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نمبر