رياض-05جنوري (اي پي پي) سعودي عرب جي ڪنگ فهد يونيورسٽي آف پيٽروليم اينڊ منرلز جي شاگردن جديد ڊرون تيار ڪري و??تو آهي. ميڊيا رپورٽ موجب ڪنگ فهد يونيورسٽي آف پيٽروليم اينڊ منرلز جي پروجيڪٽ ۾ شريڪ شاگ??د علم حسين عندس ٻڌايو ته گروپ ۾ مختلف شعب?? سان تعلق رکندڙ 6 شاگرد شريڪ ٿيا، جن جي گڏيل ڪوشش?? سان اهو ڊرون تيار ڪيو ويو. پروجيڪٽ مختلف شعبن تي مشتمل هو جن ۾ صنعتي انجينئرنگ، اليڪٽرو ميڪينيڪل، سول انجنيئرنگ ۽ ايئر اسپيس اينڊ ايوي ايشن شامل هئا.هن ٻڌايو ته ڊرون جي تياري ۾ چئن مهينن جو وقت لڳو جنهن ۾ انتهائي حساس ڪئميرا، بيٽري، اسپيڪرز، لائٽنگ ۽ بيٽري چارجز جو استعمال ڪيو ويو آه??. ڊرون جي اها خاصيت آه?? ته ان کي گهٽ کان گهٽ انساني مداخلت جي ضرورت آه??، ڊرون جا ڪيترائي فنڪشن آٽوميٽڪ آه??. ڊرون هڪ ڀيرو چارج ڪري وڌيڪ دير تائين استعمال ڪري سگهجي ٿو، شاگردن پروجيڪٽ جي تياري ۾ ڪنگ فهد يونيورسٽي آف پيٽروليم اينڊ منرلز ۽ ريسرچ اينڊ ڊفينس اسٽيڊيز شهزاده سلطان سينٽر پاران ڀرپور تعاون حاصل رهيو.
سعودي عرب جي ڪنگ فهد يونيورسٽي جي شاگردن جديد ڊرون تيار ڪري ورتو
مضمون کا ماخذ : لاتعداد وشال پانڈا