لورا لائي– 25 مارچ (اي پي پي) گهرو وزير چوڌري نثار علي خان چي?? آهي ته پاڪ چي?? اقتصادي راهداري رٿا نه رڳو بلوچستان پر پاڪستان سميت سڄي خطي جي تقدير مٽائي ڇڏيندي. سي پيڪ جي ناڪامي لاءِ دشمن قوتون مختلف قسمن جي سازشن مصروف آهن. هٿياربند فوج انهن سازشن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ ڪوششن ۾ رڌل آهي. بلوچستان ۾ امن امان لاءِ فرنٽيئر ڪور بلوچستان، پوليس ۽ پاڪ فوج جو ڪردار مثالي آهي. اهڙو اظهار هن لورا لائي ۾ فرنٽيئر ڪور بلوچستان جي 60هين پاسنگ آئوٽ پريڊ جي تقريب خطاب ڪندي ڪيو. گهرو وزير چي?? ته ايف سي بلوچستان ۾ شامل ٿيندڙ نون نوجوانن جي ڪلهن تي صوبي جي ترقي جي مخالف دهشتگردن جي چي??هه چٻي ڪرڻ جي وڏي ??ميواري آهي. هن چي?? ته ڪجهه عنصر ذاتي مفادن ۽ پرڏيهي آقائن جي خوشنودي لاءِ صوبي ۾ امن امان خراب ڪرڻ چاهين ٿا.
مضمون کا ماخذ : بونانزا